امداد الله انڙ

امداد الله انڙ

امداد الله انڙ

امداد الله، انڙ: سنڌ جو نامور ۽ دلير الله انڙ'>امداد الله انڙ 21 مارچ 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. امداد الله ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس سندس والد 1944ع ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عربيه حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو. پر وري ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ اچي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ 1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مارچ 1951ع ۾ سنڌ مسلم (آرٽس) ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين، جتي لساني جهيڙن ۾ يونيورسٽي انتظاميا تعصب ۾ هن جي چئن سالن جي ڊگري کي روڪي ڇڏيو، جيڪا سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي پاران سنڊيڪيٽ ۾ ورتل ڪوشش سبب بحال ٿي. 1954ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو. سنڌ مسلم لا ڪاليج مان 1959ع ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان پوءِ ٿوري وقت لاءِ پوليس محڪمي ۾ پراسيڪيوشن سب انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1956ع ۾ ڪميشن ڪري صوبائي سول سورس ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت ۾ جيڪب آباد، خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ ڪري جلد ئي هي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو.
آگسٽ 1977ع ۾ سانگهڙ جي مشهور ”حر ڪيس“ (ڇهن حرن جي قتل جي ڪيس) ۾کيس ضياءَ الحق جي حڪم تي گرفتار ڪري دٻاءُ وڌو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ممتاز علي ڀٽي ۽ ڄام صادق علي مٿان گواهي ڏي پر هن مجاهد تڪليفون برداشت ڪيون، ليڪن ڪوڙي گواهي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. آخرڪار ضمانت تي ڇٽڻ کانپوءِ روپوش ٿي ويو. هن عظيم انسان 28 مئي 2008ع ڌاري وفات ڪئي .


لفظ امداد الله انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.03.21  عيسوي

امداد الله انڙ 21 مارچ 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو


2008.05.28  عيسوي

امداد الله انڙ 28 مئي 2008ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مير علي هراتي
ريجھه علي شاهه ثالث
آمنه سومرو ڊاڪٽر
عثمان راهوڪڙو
ثابت فقير
خواجه الله بخش غفاري سهڻا سائين
خالد بن عبدالعزيز
پاٽائي يوسف سنڌ
سراج الدوله نواب
جهامون ڀيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون